حضور پاڪ ﷺ جن جي هڪ حديث جو مفهوم آهي ته ”منهنجا اصحابي ستارن وانگر آهن،جيڪي انهن جي پويان لڳا، انهن هدايت ورتي.“
انهن اصحاب ڪرام ۾ ڏهه اهي ڀلاريون هستيون آهن، جن کي حياتيءَ ۾ ئي الله جي سچي رسول ﷺ جنتي هئڻ جي بشارت ڏني هئي. انهن ڏهه جنتين مان وري چار ڀلارا خليفا، جن الله جي سچي رسولﷺ جي رحلت کان پوءِ سندن جاءِ نشيني جو اعزاز حاصل ڪيو، انهن کي خلفاءِ راشدين سڏيو وڃي ٿو.انهن چئن هستين الله جي سچي رسول ﷺ جي خلافت ۽ نيابت جو حق ادا ڪيو
پاڻ ڪريمﷺ جن جو فرمان مبارڪ آهي ته ”هر نبيءَ جو هڪ دوست هوندو آهي ۽ جنت ۾ منهنجو دوست عثمان رضه آهي.“
صبر، حلم،حيا، صدق ۽ صفا جو پيڪر حضرت عثمان رضه، نبي ڪريم ﷺ جو محبوب ۽ مظلوم صحابي، سندن ٻن نياڻين جو مڙس جنهن ڪري کيس ذوالنورين جو اعزاز مليو، ٽيون خليفو راشد هو.
هي مختصر ڪتاب امام مظلوم ”حضرت عثمان غني رضه “ جي سيرت بابت آهي. هن ۾ حضرت عثمان غني رضه جي سهڻي سيرت مان قصا به ڏنا ويا آهن.